ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي

ڀڳوان فتح چند ڀاوناڻي: ھيءُ گائڪ ۽ شاعر 1928ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ سٺو گائڪ، سنگيت ڪار ۽ شاعر رهيو آھي. سندس ڪيترائي گيت ڪمپوز ٿيل آھن. ڪجهه گيت فلمي طرزن تي جوڙيل اٿس ۽ آل انڊيا ريڊيو تان ڪيترائي دفعا نشر ٿي چڪا آھن ۽ ٽي ويءَ تان پڻ پروگرام ڪيل اٿس، شاعر جي حيثيت ۾ ’گيت گونجار‘ (ڀڄن – 1972ع) ننڍڙو ڪتاب شايع ٿيل اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو